اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) چين ۽ پاڪستان وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار سان ترقي جا نوان امڪان پيدا ٿي رهيا آهن. سي پيڪ تحت بنيادي ڍانچي، توانائي، صنعت، زراعت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ڪيترائي ترقياتي ??نص??با شروع ڪيا ويا آهن، جيڪي ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند ثابت ٿي رهيا آهن. اقتصادي ماهرن م??اب?? گوادر ايئرپورٽ جو ??نص??بو ٻنهي ملڪن جي مستحڪم لاڳاپن جو هڪ اهم اظهار آهي. اهو ??نص??بو نه صرف پاڪستان جي بنيادي ڍانچي کي ??هت?? بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو پر گوادر کي هڪ عالمي واپاري مرڪز بنائڻ جي راهه هموار ڪندو. ان سان پاڪستان جي اقتصادي ترقي کي هٿي ملندي ۽ خطي ۾ واپاري موقعا وڌندا. چين ۽ پاڪستان وچ ۾ اهو سهڪار ٻنهي ملڪن وچ ۾ گهري اعتماد ۽ دوستي جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪو وقت سان گڏ وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيو آهي ۽ مختلف شعبن ۾ ترقي جا نوان امڪان پيدا ڪري رهيو آهي. خاص اقتصادي زونز جي قيام ۽ صنعتن جي ترقي جا ??نص??با پاڪستاني معيشت کي وڌيڪ مستحڪم بنائي رهيا آهن، جنهن سان ملڪ ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. زراعت جي ميدان ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق زريعي زرعي پيداواريت ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، جنهن سان پاڪستان جي غذائي پاڻ ڀر?? ۽ روانگي واپار ۾ ??هت??ي ايندي. توانائي جا ??نص??با بجلي جي پيداوار ۾ اضافو ۽ توانائي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ سهڪار جون نيون راهون کلي رهيون آهن جن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ گڏيل تحقيق جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن.
سي پيڪ تحت بنيادي ڍانچي، توانائي، صنعت، زراعت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ڪيترائي ترقياتي منصوبا شروع
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa