راولپنڊي-30 آڪٽوبر (اي پ?? پي) روسي فيڊري??ن جي بچاءَ واري نائب وزير ڪرنل جنرل اليگيزنڊر وي فومين نيول ه??ڊ ڪوارٽرز اسلام آباد جو دؤرو ڪيو ۽ نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي پ??شوراڻن معاملن، علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ ٻه طرفي بحري معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب نيول چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان رشين فيڊريشن سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ ڊگهي مدي واري شراڪتداريءَ ج?? خواهشمند آهي. ملاقات ۾ ٻنهي بحري فوجن وچ ۾ ٻه طرفي تربيت، بحري جنگي جهازن جي دؤرن ۽ ٻه طرفي بحري مشقن جو بندوبست ڪرڻ سميت مختلف پهلوئن تي پڻ غور ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن ميري ٽائم سيڪيورٽي ۽ بحري ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو. روسي فيڊري??ن جي بچاءَ واري نائب وزي?? خطي ۾ ميري ٽائم سيڪيورٽي ۾ پاڪ بحريه جي مستقل ڪوششن ۽ بلند عزم جو اعتراف ڪيو.
روسي فيڊريشن جي بچاءَ واري نائب وزير جو نيول هيڊ ڪوارٽرز جو دؤرو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز