اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي مڪمل شرڪت يقيني ب??ائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ان سلسلي ۾ اسان مختلف قانوني ۽ ا??اراجاتي فريم ورڪ جي ذريعي خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي ڀلائي جي لاءِ اهم قد?? کنيا آهن، آءِ سي ٽي خصوصي ماڻهن جي حقن جو ايڪٽ 2020ع لاڳو ڪرڻ هڪ تاريخي ڪاميابي آهي، ان ايڪٽ ۾ زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي بهتر پهچ، پيشيواراڻي تربيت، ملازمت جي موقعن ۽ هڪ جامع ماحول جي ضمانت ڏني وئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب معذور م??ڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته اڄ اسان معاشري جي سمورن شعبن ۾ معذور م??ڻهن جي حقن، ڀلائي ۽ شموليت جي فروغ جي لاءِ خصوصي ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، اڄ جي ڏينهن اسان خصوصي ماڻهن ۽ انهن جي خاندانن جي سگهه، همٿ ۽ قابل قدر ڪردار جو پڻ اعتراف ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي مڪمل شرڪت يقيني ب??ائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ان سلسلي ۾ اسان مختلف قانوني ۽ ا??اراجاتي فريم ورڪس جي ذريعي خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي ڀلائي جي لاءِ اهم قد?? کنيا آهن، آءِ سي ٽي خصوصي ماڻهن جي حقن جو ايڪٽ 2020ع لاڳو ڪرڻ هڪ تاريخي ڪاميابي آهي، ان ايڪٽ ۾ زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي بهتر پهچ، پيشيواراڻي تربيت، ملازمت جي موقعن ۽ هڪ جامع ماحول جي ضمانت ڏني وئي آهي. صدر چيو ته ايڪٽ تحت خصوصي ماڻهن جي حقن جي لاءِ ڪائونسل جو قيام معذور م??ڻهن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ جامع ۽ ٺوس موقف طرف اهم قد?? آهي، اها ڪائونسل خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ ڀلائي جي لاءِ پاليسين جي جوڙجڪ ۽ لاڳو ڪرڻ سان گڏوگڏ آگاهي جي لاءِ هڪ مرڪزي اداري جي طور تي ڪم ڪندي. هن چيو ته پاڪستان خصوصي ماڻهن جي لاءِ خصوصي تعليم ۽ تربيت جي اهميت جو ادراڪ رکي ٿو، ان سلسلي ۾ خصوصي ماڻهن جي مختلف ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ خصوصي تعليمي مرڪزن ۽ پيشيواراڻي تربيتي ادارن جو هڪ ملڪ گير نيٽ ورڪ تيار ڪيو آهي، خصوصي ماڻهن جي پاڻڀرائپ ۽ انهن کي معاشري جو ڪارائتو ميمبر بڻائڻ جي لاءِ اهو مرڪز خصوصي ماڻهن کي ضروري مهارتن ۽ تعليم سان ليس ڪندو. وڌيڪ اهو ته سرڪاري نوڪرين ۾ خصوصي ڪوٽا لاڳو ڪرڻ سان معذور م??ڻهن کي روزگار جي موقعن تائين پهچ حاصل ٿيندي. صدر چيو ته جيتوڻيڪ خصوصي ماڻهن جي لاءِ ڪافي قد?? کنيا ويا آهن پر اڃا به تمام گهڻو ڪم ڪرڻ باقي آهي، اسان کي معاون ٽيڪنالاجي ۽ عوامي جاين تائين انهن جي پهچ وڌائڻ ۽ سازگار قانوني، سماجي ۽ معاشي حالتون پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن روزگار، راندين، تعليم ۽ ٻين سماجي ۽ اقتصادي سرگرمين سميت سمورن شعبن ۾ انهن جي شرڪت کي يقيني ب??ائي سگهجي، اسان کي خصوصي ماڻهن کي معياري تعليم، هنر، صحت جي سهولتن، مهارتن ۽ قابليت جي بنياد تي روزگار ۽ نوڪرين جي ڪوٽا تي مڪمل طور تي عملدرآمد ڪري هڪ سازگار م??حول فراهم ڪرڻو آهي. صدر م??اشري جي سمورن طبقن تي زور ڏنو ته اهي هڪ اهڙو معاشري جوڙڻ ۾ اسان جي مدد ڪن جتي خصوصي ماڻهن سان عزت وارو سلوڪ ڪيو وڃي ۽ انهن کي ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ جي لاءِ ضروري وسيلا مهيا ڪيا وڃن، گڏجي هڪ اهڙي جامع پاڪستان جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون جتي هر م??ڻهو کي ان جي اهليت کان هٽي ڪري پنهنجون صلاحيتون نکارڻ جو موقعو ملي.
پاڪستان زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي مڪمل شرڪت يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری