اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي)پاڪستان سميت سڄي دن??ا ۾ بريل جو عالمي ڏينهن 4 جنوري ت?? ملهايو ويندو. بريل 6 نقطن تي ٻڌل هڪ اهڙو منفرد رسم الخط آهي جنهن کي سڄي دن??ا جي ڏسڻ کان محروم (مع??ور) ماڻهن جي سهولت لاءِ اختيار ڪيو ويو آهي. 1824ع ۾ بريل جي شروعات لوئي بريل ڪئي هئي جيڪو ننڍپڻ ۾ هڪ حا??ثي سبب پنهنجو نور وڃائي ويٺو هو، لوئي بريل اها رسم الخط فرانس جي فوج جي پيغام پهچائڻ جي طريقي کان متاثر ٿي اختيا ڪيو هو جنهن ۾ 6 نقطن بدران 12 نقطن جو استعمال ڪيو ويو هو، لوئي بريل ان رسم الخط کي بدلائي آسان بڻايو ۽ ان کي نور کان محروم ماڻهن تائين پهچائڻ شروع ڪيو. لوئي بريل جي ان اهم خدمت کي نظر ۾ رکندي هر سال سندس جنم ڏينهن تي عالمي بريل جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. بريل جي عالمي ڏهاري جي مناسبت سان سڄ?? ملڪ ۾ سرڪاري، غير سرڪاري ۽ نجي ادارن جي اهتمام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون ته جيئن عام ماڻهو کي ان حوالي سان آگاهي فراهم ڪري سگهجي.
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ بريل جو عالمي ڏينهن 4 جنوري تي ملهايو ويندو
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری