اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن جي صدارت ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حڪومتي سڌارن جي حوالي سان اجلاس ۾ آزاد ڪشمير حڪومت طرفان اقتصادي ترقي ۽ روزگار جي فرا??مي?? غذائي تحفظ، سروس ڊليوري جي بهتري، اداره جاتي سڌارن ۽ قانون جي با??اد??تي لاءِ لائحه عمل جوڙيو و??و. اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم عبدالقيوم نيازي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، آزاد ڪشمير جو چيف سيڪريٽري قادر خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس کي ٻڌايو و??و ته آزاد ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي سڌارن لاءِ لائحه عمل تيار آهي جيڪو ٻن مرحلن ۾ لاڳو ڪيو و??ندو، پهرين مرحلي ۾ 6 مهينن جي مدي ۾ شهرن جي صفائي سٿرائي جي نظام جي بحالي، ندي نالن جي صفائي ۽ انهن تي قبضن جو خاتمو شامل آهي. وڌيڪ تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ سڌارن، بنيادي ڍانچي جي بحالي ۽ مرمت، بجلي ۽ صاف پاڻي جي موجود نظام جي بحالي شامل آهن. ڄاڻايل لائحه عمل جي هفتيوار منصبوبابندي ڪري عملدرآمد کي مقرر ڪيل مدي ۾ يقيني بڻايو و??ندو. ٻي مرحلي ۾ ڊگهي مدي وارا سڌارا شامل آهن. اقتصادي ترقي ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ صنعتي ترقي، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ سياحت جي فروغ لاءِ قدم کنيا ويندا. اجلاس کي وڌيڪ آگاهه ڪيو و??و ته غذائي تحفظ لاءِ لائيو اسٽاڪ، فلوري ڪلچر، هارٽي ڪلچر ۽ ڪچن گارڊننگ کي فروغ ڏنو و??ندو. ان کانسواءِ اڻ مڪمل منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ، جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي صحت ۽ تعليم جي شعبن جي مانيٽرنگ، بجلي جي موجوده نظام ۾ بهتري، ٽيڪس جي نظام جي سڌارن ۽ قانون جي با??اد??تي لاءِ قدم به لائحه عمل جو حصو آهن. وزيراعظم عمران خان قانون جي با??اد??تي جي اهيمت تي زور ڏيندي چيو ته فلاحي رياستن ۾ امير ۽ غريب لاءِ قانون هڪجهڙو هوندو آهي، وڌيڪ چيو ته سياحت جي فروغ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي ان تي جلد عملدرآمد يقيني بنايو پيو وڃي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ آزاد ڪشمير ۾ حڪومتي سڌارن جي حوالي سان اجلاس
مضمون کا ماخذ : quina acumulada