اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ برطانيه جي پرڏيهي وزيرن ٻه طرفن ناتن ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزير ش??هه محمود قريشي ۽ برطانوي پرڏيهي وزير ڊومينڪ راب وچ ۾ پرڏيهي وزارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون. ڳالهين ۾ ??فغ??نستان بابت خاص نمائندي سفير محمد صادق، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمد، اسپيشل پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير برطانوي پرڏيهي وزير کي وفد سميت پرڏيهي وزارت آمد تي سندن آجيان ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ش??هه محمود قريشي چيو ته توهان جو هي دؤرو اهڙي تاريخي وقت تي ٿي رهيو آهي جڏهن ??فغ??نستان جي صورتحال اهم تاريخي موڙ تان گُذري رهي آهي. هن چيو ته 16 آگسٽ ۽ 27 آگسٽ تي به توهان سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو هو. اسان ??فغ??نستان جي بدلجندڙ صورتحال تي غور ويچار ڪيو هو. وزيراعظم عمران خان ۽ برطانيه جو وزيراعظم بورس جانسن وچ ۾ پڻ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو ۽ ??فغ??نستان جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. پرڏيهي وزير برطانوي هم منصب کي مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيل تازن رابطن کان به آگ??هه ڪيو. هن چيو ته ??فغ??نستان جي حوالي سان لڳايل سمورا اندازا ۽ اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون، اطمينان جوڳي ڳالهه اها آهي ته ??فغ??نستان ۾ هاڻوڪي تبديليءَ دوران رتوڇاڻ ناهي ٿي. مخدوم ش??هه محمود قريشي چيو ته طالبان قيادت طرفان معام معافيءَ جو اعلان، حقن جو تحفظ ۽ ??فغ??ن ڌرتيءَ کي ڪنهن جي خلاف استعمال نه ٿيڻ جو يقين ڏيارڻ حوصلو ڏيندڙ آهي. هن چيو ته ??فغ??نستان ۾ 40 سالن کان جاري جنگ جو خاتمو هڪ سونهري ۽ تاريخي موقعو آهي. عالمي برادريءَ کي 90ع جي ڏهاڪي ۾ ڪيل غلطين مان سبق سِکندي ??فغ??نستان جي انساني ۽ مالي معاونت کي يقيني بڻائڻ لاءِ اڳيان وڌڻ گهرجي. ش??هه محمود قريشي چيو ته ??فغ??نستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو ته گهرو ويڙهه، معاشي بحران، پناهگيرن جي يلغار سميت ڪيترائي مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته اسان ان نازڪ موقعي تي امن مخالف قوتن ”اسپائيلرز“ تي به ڪڙي نظر رکون ٿا جيڪي ??فغ??نستان ۾ امن جي ڪوششن کي تب??هه ڪرڻ لاءِ متحرڪ آهن. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ??فغ??نستان ۾ اجتماعيت واري سياسي حل جو حامي آهي، ??فغ??نستان ۾ امن پوري خطي جي امن ۽ استحڪام ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ضروري آهي. ??فغ??نستان جي بدلجندڙ صورتحال تي گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ ۾ خطي جي پاڙيسري ملڪن جو دؤرو ڪيو. ش??هه محمود قريشي چيو ته منهنجي تاجڪستان، ازبڪستان، ترڪمانستان ۽ ايران جي قيادت سان ٿيل ملاقاتون حوصلو ڏيندڙ ۽ نفعي بخش رهيون. پاڪستان 24 ملڪن جي سفارتي عملي، شهرين ۽ عالمي ادارن جي اهلڪارن کي ڪابل مان سندن ملڪ آڻڻ ۾ معاونت فراهم ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه ??فغ??نستان جي موجوده صورتحال تي لڳاتار رابطي ۾ آهن. برطانوي پرڏيهي وزير ڪابل مان برطانوي شهرين ۽ سفارتي عملي کي ??فغ??نستان مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ معاونت تي پرڏيهي وزير ش??هه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪورونا وائرس جي وبا کي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا. برطانيه طرفان پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي فيصلي تي ڳڻتي آهي، اسان کي اميد آهي ته برطانيه انگن اکرن کي سامهون رکندي پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪندو.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ برطانوي پرڏيهي وزير ڊومينڪ راب وچ ۾ ڳالهيون، ٻه طرفن ناتن ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن