ڊيره اسماعيل خان – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ۽ ماڪڙ جي خاتمي لاءِ موٽرسائيڪلن جون چاٻيون ورهايون، ان سلس??ي ۾ هتي آبادگار ڪنوينشن جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير محمود خان، وفاقي وزير علي امين گنڊاپور ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار جمشيد اقبال چيمه به موجود هئا. وزيراعظم آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ورهايا، پهرئي?? مرح??ي ۾ صوبي جي پنج لک رجسٽرڊ آبادگارن مان 2 لک آبادگارن کي آبادگار ڪارڊ ورهايا پيا وڃن، آبادگار ڪارڊ سڄي ملڪ جي سمورين اي ٽي ايم مشينن تي استعمال ڪري سگهبا. پهري?? مرح??ي ۾ آبادگارن جي ڊيٽا بيس کي بهتر بڻايو ويندو ۽ کين سبسڊي (مشينري، ان پٽ وغيره) فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته ٻئي مرح??ي ۾ آبادگارن کي بنا وياج/ گهٽ مارڪ اپ تي قرض فراهم ڪيا ويندا ۽ فصلن جي انشورنس ڪئي ويندي، ان کانسواءِ کين قدرتي آفتن جي صورت ?? مالي امداد به فراهم ڪئي ويندي، ان کانسواءِ صوبي ۾ زراعت جي فروغ لاءِ مالي سال 22 -2021ع جي دوران آبادگارن کي 1048.38 ملين روپين جي سبسڊي ڏني ويندي.
وزيراعظم آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ۽ موٽرسائيڪلن جون چاٻيون ورهايون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی