اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي في??لي جي خلاف لاهور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (ليسڪو) جي درخواست رد ڪندي بيواهه کي پينشن جي ادائيگي جو حڪم برقرار رکندي ليسڪو کي هدايت ڪئي آهي ته وفاقي محتسب جي فيصل?? موجب بيواهه کي ان جي جائز پينشن جو پورو حصو ادا ڪيو وڃي. صدر حڪومتي پاليس?? موجب الائونسز سان بيواهه کي پينشن جي ادائيگي نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي في??لي ۾ قرار ڏنو ته باقي پينشن تي حڪومتي پاليس?? موجب ور جي رٽائرمينٽ جي تاريخ ??ان اضافو به ادا ڪيو وڃي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب شڪايت ڪندڙ مختيار بيگم جي مرحوم ور جيڪو ليسڪو ۾ ملازم هو اپريل 2005ع ۾ رٽائر ٿيو ۽ ڊسمبر 2013ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، شڪايت ڪندڙ جي مڙس جي لاڏاڻي کانپوءِ فيملي پينشن باقاعدگي سان ڏني وئي پر گهٽ شرح تي ڏنيو ئي، شڪايت ڪندڙ چيو ته هو 21928 روپيا ماهور پينشن حاصل ڪري رهي آهي جڏهن ته حڪومت پاران وقت به وقت ڪيل سمورين انڪريمينٽس کي شامل ڪندي ان کي 15 سالن کانپوءِ تقريبن ٻيڻو ٿيڻ گهرجي، شڪايت ڪندڙ پنهنجي شڪايت جي ازالي لاءِ وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو، وفاقي محتسب 09-03-2021 جي پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو ته اها ناانصافي آهي واپڊا پينشن ڊائريڪٽوريٽ حڪومتي پاليسي تي پوري طرح عمل ناهي ڪيو ۽ بيواهه کي بحالي تي وڌايل گذريل اضافو ناهي ڏنو ويو، جڏهن ته ڊائريڪٽر (پينشن) واپڊا پاڻ سمورن ڊسڪوز، جينڪوز اين ٽي ڊي سي کي SOP-2002 جي تحت پينشن جي بحال ٿيل حصي تي سمورن پينشنرز کي گزريل تاريخن ??ان اضافي جي اجازت ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون هيون، وڌيڪ اهو ته متوفي پينشرز جي بيواهن کي ان سهولت سان خاص طور تي روڪيو نه ويو، ان لاءِ ليسڪو پاران بدانتظامي ثابت ٿي آهي، وفاقي محتسب پنهنجي في??لي ۾ وڌيڪ چيو ته حڪومت پاڪستان جي پاليس?? موجب رٽائرڊ/فوت ٿيندڙ ملازمن کي رٽائرمينٽ جي تاريخ ??ان پينشن جي بحال ٿيل حصي ۾ اضافي جي اجازت ڏيڻ کانپوءِ ڪموٽڊ حصي تي بحالي جي اجازت ڏني آهي. صدر مملڪت پنهنجي في??لي ۾ لکيو ته موجوده قانونن موجب دير سان اپيل داخل ڪرڻ جي پهلو کي نظر انداز ڪري سگهجي ??و، قانون موجب وفاقي محتسب جي في??لي جي خلاف 30 ڏينهن ۾ اپيل داخل ڪرڻي هوندي آهي، محتسب جي في??لي جي خلاف دير سان اپيل داخل ڪرڻ تي ليسڪو جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.
صدر پاران وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف ليسڪو جي درخواست رد
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن