اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان جي صدارت ۾ سنڌ جي گورنر عم??ان اسماعيل ۽ سنڌ مان پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ معاشري جي غريب طبقن جي سهولت لاءِ قومي صحت ڪارڊ، ڪامياب جوان پروگرام ۽ احساس راشن رعايت پروگرام جهڙن تاريخي حڪومتي قدمن تي وزيراعظم کي ساراهيو ويو. ان موقعي تي سنڌ جي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته ??نڌ جي ماڻهن جي لاءِ به وفاقي فنڊز مان صحت ڪارڊ جاري ڪيو وڃي ڇو ته ??نڌ جي صوبائي حڪومت ان مق??د جي لاءِ وسيلا رکڻ جي لاءِ تيار نه آهي. وزيراعظم انهن کي يقين ڏياريو ته هو سنڌ جي عوام جي مفاد لاءِ ان سلسلي ۾ سمورن ممڪن آپشنز تي غور ڪري حل ڪڍندو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، مح??د اڪرم چيما، علي حيدر زيدي، مح??د ميان سومرو ۽ وزيراعظم جي خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي ميمبرن مح??د اڪرم چيما، آفتاب حسين صديقي، مح??د عالمگير خان، سيف الرحمان، آفتاب جهانگير، مح??د اسلم، غزالا سيفي، نصرت وحيد، نزهت پٺاڻ، جئه پرڪاش، رميش ڪمار ۽ لال چند مالهي پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ مان پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن