دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم برساتن جي نئين سلسلي جي ڏس ۾ ريسڪيو ۽ ريليف جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم شهباز شريف قطر مان ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو، ريليف جي قدمن جي نگراني ڪري رهيو ??هي. وزيراعظم اين ڊي ايم اي سميت سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن کي گڏيل حصيداري سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. بيان م??جب وزيراعظم چيو ??هي ته برساتن جو مسلسل سلسلو ٻوڏ جي تباهي ۾ وڌيڪ اضافو ڪري رهيو ??هي. ٻوڏ سبب ماڻهن ج?? تمام گهڻو نقصان ٿيو ??هي، انهن جي مدد اسان سڀني جو فرض آهي، قدرتي آفت جو شڪار علائقن ۾ بحالي هڪ تمام وڏو ڪم آهي، اهو گڏيل ڪوششن سان ئي ممڪن آهي. وزيراعظم اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين، سرندي وارن ادارن ۽ تنظيمن کي متاثرين جي مدد جي ڪم ۾ هٿ ونڊرائڻ جي اپيل ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن