اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد جي لاءِ قطر کان امدادي سامان کڻي هڪ اڏام پاڪستان پهچي وئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان چيو آهي ته قطر کان امدادي سامان کڻي هڪ اڏام جمعي ڏينهن پاڪستان پهچي وئي آهي. قطر کان انساني ??مداد جي پهرين اڏام جو جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي استقبال سنڌ جي محنت واري ??وب??ئي وزير سعيد غني، سماجي ڀلائي واري ??وب??ئي وزير محمد سجاد جوکيو ۽ قطر جي قونصل جنرل مشال الانصاري کانسواءِ پرڏيهي وزارت ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ امدادي سامان موڪلڻ جي ??جيان ڪندي قطر جا ٿورا مڃيا.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز