ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جي دوري ??ي موقعي تي هوائي اڏي تان سڌو ثمرقند ۾ حضرت خضر ڪمپليڪس ويو ۽ ازبڪستان جي باني اڳواڻ اسلام ڪ??يم??ف ??ي مزار تي حاضري ڀري. ان موقعي تي ازبڪستان جي اعليٰ قيادت، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پڻ ان سان گڏ هو. وزيراعظم ازبڪستان جي باني اسلام ڪ??يم??ف ??ي مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي. اٺين صديءَ ۾ تعمير ٿيندڙ مسجد خضر فن تعمير جو بهترين شاهڪار آهي. واضح رهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم ??ي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي ثمرقند پهتو آهي. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دوري دوران وزيراعظم تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزئيوف سان جدا جدا ملاقات ڪ??دو. بعد ۾ وزيراعظم روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ڪ??دو. وزيراعظم ايراني صدر ابراهيم رئيسي، بيلاروس جي صدر اليگزينڊر گريگوري – وچ لوڪا- شينڪو ۽ ڪرغزستان جي صدر سيد رجاپاروف سان پڻ جدا جدا ملاقات ڪ??دو. ان کانپوءِ وزيراعظم ازبڪ صدر پاران مملڪتي سربراهن ??ي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪ??دو. آجياڻي کانپوءِ وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪ??دو.
وزيراعظم جي حضرت خضر ڪمپليڪس جو دورو ۽ ازبڪستان جي باني اڳواڻ اسلام ڪريموف جي مزار تي حاضري
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ