??سل??م آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ سياسي مشاورت جو 14 هون دور جمعي ڏينهن پيرس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ ان جي فرانسيسي هم منصب ايني ميري ڊيسڪوٽس جي صدار?? ۾ ??يو. پرڏيهي آفيس موجب سياسي مشاور?? ۾ ??طرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي معاملن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ ايني ميري ڊيسڪوٽس ٻطرفي تعاون جي لاءِ پاڪستان فرانس روڊ ميپ تي صحيحون ڪيون. ڳالهه ٻولهه ۾ سياسي، اقتصادي، ترقي، دفاع، سلامتي، تعليم، ث??افت، گهڻ رخي ۽ ٻين شعبن ۾ ح??يد??ري کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا