اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ترڪما??ست??ن جي وفد جي پاڪستان جي دوري دوران ڳالهه ٻولهه ۾ توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون تي ڌيان ڏنو ويندو. اها ڳالهه ترجمان پريس ??ري??نگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته ترڪما??ست??ن جو هڪ اعليٰ سطحي وفد مملڪتي وزير ۽ ترڪمن گئس جي چيئرمين جي قيادت ۾ ٽن ڏينهن جي دوري تي گذريل ڏينهن پاڪستان پهتو آهي. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون بشمول ترڪما??ست??ن – افغا??ست??ن – پاڪستان – ڀارت (تاپي) گئس پائيپ لائين ۽ ترڪما??ست??ن – افغا??ست??ن – پاڪستان پاور ٽرانسميشن لائين پراجيڪٽ تي ڌيان ڏنو ويندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ڌريون (تاپي) پائيپ لائين پراجيڪٽ جي تيز رفتار عملدرآمد جي لاءِ ”گڏيل عملدرآمد پلان“ کي ??تم?? شڪل ڏينديون. هن چيو ته منصوبي جي پڄاڻي پاڪستان جي عزم سان گڏوگڏ سستي، قابل اعتماد ۽ پائيدار توانائي جي لاءِ ان جي عزم جو عڪاس هوندو.
ترڪمانستان جي وفد جي پاڪستان جي دوري دوران ڳالهه ٻولهه ۾ توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون تي ڌيان ڏنو ويندو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria