اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پرامن نموني عاشوره جي گذرڻ تي شڪر جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محرم الحرام دوران امن امان يقيني بنائڻ تي وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله، سمورن صوبائي گهرو وزيرن، وفاقي ۽ صوبائي اختيارين ۽ سيڪيورٽي فورسز کي شاباسي ڏني ۽ چيو ته وڏن وزيرن، صوبائي توڙي ضلعي انتظاميه ۽ پوليس آءِ جيز کي محرم الحرام دوران بهترين انتظام ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪيان ٿو. وزيراعظم ??يو ته امن امان کي يقيني بڻائيندي عاشوره جي جلوسن جي لاءِ بهترين انتظام ڪيا ويا، وفاقي ۽ صوبائي کاتن ۽ سيڪيورٽي جي سمورن ادارن بهترين تع??ون سان ڪم ڪيو. وزيراعظم ??يو ته پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي شاباسي ڏيان ٿو جن ڏينهن رات سيڪيورٽي جا فرض نڀايا، الحمدلله سيڪيورٽي جي بهترين انتظامن جي ڪري ڪو ??ڻو??ندڙ واقعو پيش نه آيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو يوم عاشوره جي پرامن نموني گذرڻ تي شڪر جو اظهار
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات