لاهور – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسپتالن ۾ نئين بيڊز جي فراهمي لاءِ مقامي صنعت جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاهور ۾ ميو اسپتال ويو ۽ ميو اسپتال جي ايمرجنسي بلاڪ جي نئين سر تعمير جو جائزو ورتو. نگران وزيراعظم جاري تعميراتي ڪمن ۽ ايمرجنسي بلاڪ ۾ ٺاهيل نرسنگ ڪائونٽر ?? ڪنسلٽنٽ روم جو معائنو ڪيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي جي قيادت ۾ اسپتالن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي پروگرام ??ي ساراهيو. هن تعميرات ۽ مواصلات واري کاتي جي لاڳاپيل آفيسرن کي انهن جي ڪارڪردگي تي ساراهيو. نگران وزيراعظم چيو ته اسپتالن ۾ نئين بيڊز جي فراهمي جي لاءِ مقامي صنعت جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم ميو اسپتال جي سرجيڪل ٽاور ۾ سينٽرل جيل ڪوٽ لکپت مان اکين جي علاج جي لاءِ آيل قيدين جي عيادت پڻ ڪئي. نگران وزيراعظم ميو اسپتال جي ريڊنگ روم جو پڻ دورو ڪيو ۽ ريڊنگ روم ۾ مطالعي جي لاءِ فراهم ڪيل سهولتن ??ي ساراهيو.
اسپتالن ۾ نئين بيڊز جي فراهمي لاءِ مقامي صنعت جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت