دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز جي لاءِ ق??ئم ڪيل پاڪستان پويلين جو دورو ڪيو. نگ??ان وزيراعظم کي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي لاءِ ڳالهين ۽ سهولتڪاري جي حوالي سان پاڪستان پاران ٿيندڙ ڪوششن بابت ٻڌايو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگ??ان وزيراعظم کي ”ليونگ انڊس انيشي ايٽو“ بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي جيڪو سنڌو درياءَ جي قدرتي وهڪري ۽ ماحولياتي لاهن چاڙهن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت جي بحالي جي لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي. نگ??ان وزيراعظم پويلين ۾ پاڪستاني موسمياتي ماهرن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ موسمياتي تبديلي جي خطري کي گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان انهن جي ڪوششن کي ساراهيو. پرڏيهي معاملن ۽ موسمياتي تبديلي وارا نگ??ان وفاقي وزير ?? گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جو سفير پڻ نگ??ان وزيراعظم س??ن گڏ هئا.
نگران وزيراعظم پاران ڪوپ -28 لاءِ قائم ڪيل پاڪستان پويلين جو دورو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی