اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان ڀارت جي سپريم ڪورٽ پاران ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ??مو?? ۽ ڪشمير ??ي حيثيت بابت فيصلي کي واضح طور تي رد ڪريون ٿا، ??ن معاملي تي آزاد ??مو?? ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جو خصوصي اجلاس طلب ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ خصوصي طور تي شرڪت ڪندس. هن اها ڳالهه آزاد ??مو?? ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ??مو?? ۽ ڪشمير بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان معاملي تي آزاد ??مو?? ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جو خصوصي اجلاس طلب ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خصوصي طور تي شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اسان ڀارت جي سپريم ڪورٽ پاران ڀارتي غيرقانوني طور تي والاريل ??مو?? ۽ ڪشمير ??ي حيثيت بابت فيصلي کي واضح طور تي رد ڪريون ٿا، ??مو?? ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي حل طلب آهي. هن چيو ته ??مو?? ۽ ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪشم??ري عوام جي امنگن موجب ٿيڻ گهرجي، ڀارت کي ڪشم??ري عوام جي مرضي ۽ عالمي قانونن ۽ انصاف جي گهرجن جي خلاف ان تڪراري علائقي ??ي حيثيت بابت هڪطرفو فيصلو ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي نام نهاد قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي آڙ ۾ پنهنجي عالمي ذميوارين کان دستبردار نٿو ٿي سگهي، 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم جو مقصد غيرقانوني قبضي هيٺ ??مو?? ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ آهي، جيڪو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ??مو?? ۽ ڪشمير جي عوام جي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي پنهنجي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
اسان ڀارت جي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي واضح طور تي رد ڪريون ٿا: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس