اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آفريقي ۽ ايشيائي ملڪن سان واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ ۽ غزه ۾ تشدد جي خاتمي ۽ فلسطين ۾ پائيدار امن جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان آفريقي ۽ ايشيائي ملڪن جي سفيرن جي هڪ گروپ مانجهاندي تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران الجزائر ۽ سوڊان جي سفيرن سان گڏوگڏ بنگلاديش، برونائي، ملائيشيا، ماريشيس ۽ ڏکڻ آفريقا جا هاءِ ڪمشنرز پڻ موجود هئا جڏهن ??ه ايٿوپيا، انڊونيشيا، ڪينيا، نائجيريا، صوماليه، تيونس ۽ زمبابوي جا ناظم الامور پڻ ان موقعي تي موجود هئا. نگران وزيراعظم آفريقا سان پاڪستان جي ل??ڳا??ن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن آفريقي ملڪن سان ٻطرفي ۽ علائقائي سطح تي ل??ڳا??ن کي مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ آفريقا جي وچ ۾ گذريل سالن دوران بهترين سياسي ل??ڳا??ن جو اعتراف ڪندي واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته چوٿين پاڪستان آفريقا واپاري ڪانفرنس مصر جي شهر قاهره ۾ 9 کان 11 جنوري 2024ع تائين جاري آهي جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي واپار واري نگران وفاقي وزير جي قيادت ۾ هڪ وڏو واپاري وفد ڪري رهيو آهي. هن ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن خاص طور تي برونائي، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا سان پاڪستان جي تاريخي ل??ڳا??ن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستا?? انهن اهم ملڪن سان ٻطرفي واپاري ل??ڳا??ن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي ۽ آسيان سان پاڪستان جي مصروفيتن کي مضبوط بڻائڻ ۾ انهن سان تعاون جو خواهشمند آهي. غزه ۾ جاري صورتحال جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ تشدد جي خاتمي ۽ فلسطين ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ انهن جي ل??ڳا??يل ملڪن سان مضبوط ل??ڳا??ا قائم ڪرڻ جي ڪوششن تي سفيرن کي ساراهيو. سفير?? انهن سان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ وقت ڪڍڻ تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ??ه اهي ٻطرفي ل??ڳا??ن کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪندا رهندا.
نگران وزيراعظم سان آفريقي ۽ ايشيائي ملڪن جي سفيرن جي گروپ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ