گڏيل قومون-07 مارچ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو افغان عبوري حڪومت کي ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان پنهنجا لاڳاپا ختم ڪرڻ جي پاڪستان جي مطالبي جي حمايت ڪري جيڪو پاڪستان جي فوجي ۽ سولين هدفن تي حملن لاءِ مسلسل زميوار آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن 15 رڪني سلامتي ڪائونسل ۾ افغانستان جي صورتحال تي بحث دوران خبردار ڪ??و ته القاعده ۽ ڪجهه رياستي سرپرستن جي حمايت يافته ٽي ٽي پي جلد ئي عالمي دهشتگردي جي خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿ??. پ??ڪستاني نمائندي چ??و ته افغان عبوري حڪومت جي ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد گروپن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪامي ان جي پنهنجي علائقي تي مڪمل ڪنٽرول جي ان دعويٰ جي ابتڙ آهي ته هو عالمي برادري جي شناخت جي خواه??من?? آهي. هن گڏيل قومن تي به زور ڀر??و ته هو ان ڳالهه جي جاچ ڪري ته ٽي ٽي پي جديد فوجي ساز ۽ سامان ۽ هٿيارن ڪي??ن حاصل ڪي?? ۽ ٽي ٽي پي جي مالي مدد جي ذريعن جي نشاندهي ڪئي وڃي، جيڪا ان جي 50 هزار جنگجوئن ۽ ان جي ڪفالت هيٺ ماڻهن ۽ ان جي دهشتگرد ڪاررواين لاءِ مدد ڪري رهيا آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته سلامتي ڪائونسل پاڪستان جي ان مطالبي جي حمايت ڪندي ته افغان حڪومت ٽي ٽي پي سان پنهنجا لاڳاپا ختم ڪري ۽ ٽي ٽي پي ۽ ان سان لاڳاپيل تنظيمن کي پاڪستان يا ٻين پاڙيسري ملڪن خلاف سرحد پار حملا ڪرڻ کان روڪيو وڃ??. پ??ڪستاني نمائندي افغان جي صورتحال تي سيڪريٽري جنرل جي رپورٽ تي ڪجهه اعتراض به پيش ڪي??، جن ۾ پاڪستان ۾ تحفظ جي نامناسب ماحول جي دعويٰ به شامل آهي. ان حوالي سان هن ان ڳالهه تي زور ڀر??و ته پاڪستان 40 سالن کان وڌيڪ عرصي کان تقريبن 50 ل?? افغان پناهگيرن کي عالمي برادري جي تمام گهٽ مدد سان وڏي اقتصادي، سماجي ۽ سلامتي جي قيمت تي ميزباني ڪري رهيو آهي.
سلامتي ڪائونسل افغان عبوري حڪومت کي ٽي ٽي پي سان لاڳاپا ختم ڪرڻ تي زور ڀري: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria