برازيليا-18 نومبر (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان چيو آھي ته گڏيل قومون، غزه سميت سڄي دنيا ۾ تڪرار روڪڻ ۾ ناڪام ۽ بحرانن جي حل ۾ غير اثرائتو ثابت ٿيون آھن. پرڏيھي خابرو اد??ري مطابق ترڪيه صدر جي-20 سربراھي اجلاس جي سلسلي ۾ برازيل جي صدر لولادي سلوا سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ترڪيه جي صدر چ??و ته ترڪيه ۽ برازيل جي لاڳاپن جي ترقي ۾ اعليٰ سطحي ڳالھيون اھم آھن ۽ ٻنھي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتد??ري کي وڌيڪ بھتر بڻائڻ لاءِ ڪم ج??ري رھندو. ھن چ??و ته اسرائيلي جارحيت خلاف برازيل جو موقف واکاڻ جوڳو آھي، ترڪيه گڏيل قومن ۾ اسرائيل کي ھٿيار ۽ جنگي سامان جي وڪري کي روڪڻ لاءِ ڪوشش شروع ڪئي آھي ۽ ان سان گڏوگڏ فلسطين ۾ مستقل جنگبندي، بنا رڪاوٽ انساني امداد جي فراھمي ۽ ٻه رياستي حل جي بنياد تي منصفاڻي حل لاءِ پنھنجي ھر ممڪن ڪوشش ج??ري رکندو. ھن چ??و ته گڏيل قومون، غزه سميت سڄي دنيا ۾ تڪرار کي روڪڻ ۾ ناڪام آھن ۽ بحرانن جي حل ۾ غير موثر ثابت ٿيون آھن. ھن برازيل جي، جي- 20 صدارتي اجلاس دوران عالمي انتظامي سڌارن کي ايجنڊا تي آڻ?? جي قدمن کي صحيح قرار ڏنو.
گڏيل قومون، غزه سميت سڄي دنيا ۾ تڪرار روڪڻ ۾ ناڪام ۽ بحرانن جي حل ۾ غير اثرائتو ثابت ٿيون آھن: ترڪ صدر
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش