گڏيل قومون- 19 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومون جي ٻن امدادي ادارن ٻڌايو آهي ته فلسطينين لاءِ خوراڪ کڻي ويندڙ 100 ٽرڪن کي غز?? ۾ داخل ٿيڻ بعد ڦريو ويو آهي. وائيس آف آمريڪا مطابق فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري ??و اين آر ڊبل??و اي جي سينيئر ايمرجنسي آفيسر لوئس واٽريج چيو ته ??و اين آر ڊبل??و اي ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام طرفان فراهم ڪيل خوراڪ کڻي ويندڙ قافلي کي اسرائيل مختصر نوٽيس تي ڪيرم شلوم بارڊر ڪراسنگ جي اڻڄاڻ رستي کا?? روانو ٿيڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته 16 نومبر تي قافلي جي 109 ٽرڪن مان 98 تي حملو ڪيو ويو ۽ ڪجه ٽرانسپورٽر ان واقعي ۾ زخمي پڻ ٿيا آهن. پر هنن اها وضاحت ناهي ڏني ته اهو حملو ڪنهن ڪيو. هن خوراڪ جي بحران جي شديد صورتحال طرف اشارو ڪندي ٻڌايو ته جيڪڏهن فوري مداخلت نه ڪئي وئي ته خوراڪ جي پهريان کا?? وڌيڪ کوٽ ٿي سگهي ٿي. ان بحران ۾ 20 لک کا?? وڌيڪ ماڻهن جي زندگين کي خطرو آهي، جيڪي زنده رهڻ لاءِ انساني همدردي جي امداد تي دارو مدار رکن ٿا. ورلڊ فوڊ پروگرام جي ترجمان ڦرلٽ جي تصديق ڪندي چيو ته غز?? جا ڪيترائي رستا هن وقت سيڪيورٽي مسئلن سبب پهچ جوڳا ناهن.
غزه ۾ امدادي سامان کڻي ويندڙ 100 ٽرڪون ڦرجي ويون: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ