يوڪاهاما – 07 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سين??ٽر اسحاق ڊار جاپاني ڪمپنين تي زور ڀريو آهي ته اهي پا??ستان ۾ اقتصادي موقعن مان فائدو کڻن، پا??ستان ۾ ڪم ڪندڙ جاپاني ڪمپنيون شاندار منافعي ۾ هلي رهيون آهن. هو جاپان جي ڊپٽي وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير تارو آسبو سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو جنهن ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي بورڊ آف گورنرز جي 50 هين سالياني اجلاس جي موقعي ??ي ملاقات ڪئي. پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي حوالي سان جاپاني هم منصب کي آگاهه ڪندي اسحاق ڊار دنيا کي وڏي پيشيواراڻي سروسز فراهم ڪندڙ فرم پي ڊبليو سي پاران تازو ئي جاري ڪيل رپورٽ جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته پا??ستان 2030ع تائين جي 20 جو ميمبر هوندو، جاپان جي ڊپٽي وزيراعظم پا??ستان ۾ حڪمران پارٽي جي اقتصادي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته پا??ستان جي ٽيڪسٽائيل شعبي سميت ٻين شعبن ۾ جاپاني ۽ عالمي سيڙپڪارن جي لاءِ وسيع موقعا آهن.
جاپاني ڪمپنيون پاڪستان ۾ اقتصادي موقعن مان فائدو کڻن: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II