اسلام آباد – 26 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو. وزيراعظم ڪابينا کي پنهنجي آمريڪا جي دوري بابت آگاهه ڪيو جتي هن ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي تڪرار، ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزين، ڀارت جي جارحاڻي رويي، افغانستان ۽ خطي ۾ امن ۽ ا??تحڪام ۽ ميانمار ۾ روهنگيا مسلمانن جي خراب حالت سميت اهم معاملن تي پاڪست??ن جو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسي??بل?? جي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي ٻطرفين ملاقاتن خاص طور تي آمريڪا جي نائب صدر، ايران ۽ ترڪيءَ جي صدرن، سريلنڪا جي وزيراعظم، عالمي بئنڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر، ورلڊ اڪنامڪ فورم جي ايگزيڪيوٽو چيئرمين، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ا??دن جي شاهه سان پنهنجي ملاقاتن بابت ٻڌايو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام