اسلام آباد/لاهور – 24 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته موجوده حڪومت محدود وسيلن جي باوجود مسئلن تي ض??بطو آڻي ورتو آهي، ايندڙ 15 سالن لاءِ بجلي جي ض??ورتن موجب پيد??وا??ي منصوبا مڪمل ڪيا ??هن، بيروزگاري جي خاتمي ۾ صنعت جو ڪردار بنيادي اهميت رکندڙ آهي، صنعتڪارن کي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي ذميداري آهي.سندر انڊسٽريل اسٽيٽ لاهور ۾ فاسٽ ڪيبل طرفان ملڪ جي پهرين سي سي وي لائين ۽ ايلومينيم لائي مينوفيڪچرنگ پلانٽ جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته فاسٽ ڪيبل طرفان سي سي وي ڪيبل جي پهرين جديد ترين پلانٽ جو افتتاح خوش آئنده آهي جنهن سان بجلي جي پيد??وا??ي خرچن ۽ ترسيل جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔