اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عاشوري جو ڏهاڙو اسان کي ڪربلا جي شهيدن جي عظيم قرباني جي ياد ڏياريندو آهي ۽ اسان کي ان ڳالهه جو سبق ڏي ٿو ته باطل جي طاقت حق کي ڪڏهن دٻائي نٿي سگهي، ڪربلا جو واقعو اسان کي ڏاڍ جي خلاف وڙهڻ ?? آواز بلند ڪرڻ ۽ حق ۽ صداقت جي سربلندي جو سبق ڏي ٿو. عاشوري جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين جي شهادت سان اسلام کي هڪ نئين زندگي ملي، امام حسين رضه حق ۽ صداقت ۽ اسلام جي سربلندي لاءِ پنهنجا ٻار تائين قربان ڪري ڇڏيا ۽ اسان کي سبق ڏنو ته الله جي اطاعت سڀ ک??ن مقدس آهي.
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت