اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) يورپي يونين چيو آهي ته فلسطينين خلاف اسرائيلي حڪومت پاران کنيل ڪيترائي قدم عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ ان جي ابتڙ آهن اسرائيل کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي، ميڊيا رپورٽن موجب يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي ڪمشنر جوپ بوريل گذريل ڏينهن اومان يورپي يونين ۽ نار سهڪار ڪونسل (جي سي سي) جي پرڏيهي وزيرن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل وٽ پنهنجي دفاع ڪرڻ جو مڪمل حق آهي پر اهو عالمي قانون موجب هجڻ گهرجي جڏهن ته اسرائيل جا ڪيتراڪئي قدم عالمي قانون جي خلاف آهن يورپي يونين ۽ جي سي سي حماس جي حملن جي مذمت ڪئي آهي، هن شهرين تي ڪنهن به حمل?? ڪرڻ جي مذمت ڪندي فوري طور تي يرغمالين جي آ??ادي جو مطالبو ڪيو. هن اسرائيل کان مطالبو ڪيو ته اهو عالمي قانون جو احترام ڪري ۽ غزه جي شهري آ??ادي کي خوراڪ پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي ۾ ??ڪا??ٽ نه وجهي، يورپي يونين ۽ جي سي سي اسرائيل کان مطالبو ڪيو ته اهي غره کان مصر تائين انساني همدردي جي بني??د تي رستوکولن ته جئين شهري اسرائيل جي جوابي حملن کان اڳ علائقي مان نڪري سگهن، بوريل جو بيان اسرائيل جي دفاع واري وزير يووگيلنٽ جي غزه جي مڪمل ناڪا بندي واري حڪم کان پوءِ سامهون آيو آهي.
اسرائيل جي ڪيترائي قدم عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهن: يورپي يونين
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری