قاهره -11 سيپٽمبر (اي پي پي) يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزف بوريل چيو آهي ته اسرائيل ٻه رياستي حل کي ناممڪن ب??ائ?? رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب عرب ليگ جي پرڏيهي وزير جو 162 هون باقاعده اجلاس مصر جي گادي واري شهر قاهره ۾ ليگ جي هيڊ ڪ??اٽ?? ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزف بوريل خطاب ڪند?? چيو ته اسرائيل جي حڪومت ٻه رياستي حل لاءِ سنجيده ناهي ان جو اهو رويو ٻه رياستي حل کي ناممڪن ب??ائ?? رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته غزه ۾ فوري جنگ بندي لازمي آهي. هن غزه ۾ جنگ بندي لاءِ مصر، آمريڪا ۽ قطر طرفان ڪيل ٽياڪڙي جي ڪوششن سميت غزه پٽي ۾ انساني اهنجن جي خاتمي ۾ يورپي يونين جي ڪر??ار?? تباهه ڪندڙ انساني صورتحال ۽ ان لاءِ مڪينزم تي ڳالهيون ڪيون. هن رفع ڪراسنگ سميت غزه جا سمورا رستا کولڻ تي پڻ زور ڀريو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری