اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چ??ني صدر شي جن پنگ جي بصيرت کي ساراهيندي چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن جي لاءِ چين جي گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ ترقي هڪ ماڊل آهي. هن اها ڳالهه چين جي اسٽيٽ ڪائونسل انفارميشن آفيس جي ڊائريڪٽر ج??انگ جيانگو سان وزيراعظم آفيس ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين آئرن بر??درز آهن ۽ صدر شي جن پنگ جي 2015ع ۾ پاڪستان جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا سدابهار حصيداري جي بلند ترين سطح تي پهچي ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان سي پيڪ کي حقيقت جو روپ ڏيڻ جي لاءِ چ??ني عزم کي ساراهي ٿو جيڪو هڪ خطو هڪ رستو قدمن جو فليگ شپ منصوبو آهي.
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa