ڪولمبو – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? پنهنجي سريلنڪن هم منصب مهندا راجا پاڪسي جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي دوري تي سريلنڪا پهچي ويو آهي. سريلنڪا جي وزيراعظم مهندا راجا پاڪسي ايئرپورٽ تي وزيراعظم جو شاندار اس??قبال ڪيو، ٻارن وزيراعظم کي گلدستا پيش ڪيا، وزيراعظم عمران خا?? جي اعزاز ۾ سريلنڪا جي هٿياربند فوج جي دستي ??ارڊ آف آنر پيش ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ??رانا وڄايا ويا ۽ توپن جي سلامي ڏني وئي. وزيراعظم گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو، ان کانپوءِ سريلنڪا جي وزيراعظم، وزيراعظم عمران خا?? جو سريلنڪن ڪابينا ۽ وزيراعظم عمران خا?? سريلنڪا جي وزيراعظم کي پنهنجي وفد جي ميمبرن سان تعارف ڪرايو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار سيد ذوالفقار عباس بخاري به دوري دوران وزيراعظم سان گڏ آهن. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خا?? جو سريلنڪا جو اهو پهريون دورو آهي.
وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي سريلنڪا پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری