اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??اڪ??تان ۽ ڏکڻ آ??ريقا جي وچ ۾ دفاعي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??اڪ??تان ڏکڻ آ??ريقا سان واپاري، سيڙپڪاري ۽ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڏکڻ آ??ريقا جي چيف آف نيشنل ڊفينس فورسز جنرل رڊزيني مفوانايا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ??اڪ??تان ۽ ڏکڻ آ??ريقا جي وچ دفاعي ميدان ۾ بهترين لاڳاپا آهن جنهن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جي ڪافي صلاحيت موجود آهي. ??اڪ??تان پنهنجي ”لڪُ افريقا“ پاليسي تحت ڏکڻ آ??ريقا سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، هن چيو ته ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ فوجي ۽ سياسي سطح تي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت آهي. صدر ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ ??اڪ??تان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي ۽ ان جي ڪاميابي جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي صدر ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران انساني حقن جي پائمالين تي به روشني وڌي. هن چيوته ڀارت بي گناهه ڪشميري مسلمانن کي شهيد ڪري انهن جي نسل ڪشي ۽ آبادياتي تناسب تبديل ڪرڻ لاءِ غير ڪشميرين کي ڊوميسائيل جا??ي ڪرڻ جهڙا قدم کڻي رهيو آهي، عالمي برادري ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي خودمختياري وارو حق ڏيارڻ لاءِ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. ان موقعي تي ڏکڻ آ??ريقا جي چيف آف نيشنل ڊفينس فورسز چيو ته ??اڪ??تان ۽ ڏکڻ آ??ريقا جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ بهتر لاڳاپن کي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڏکڻ آ??ريقا جي چيف آف نيشنل ڊفينس فورسز جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي.
پاڪستان ڏکڻ آفريقا سان واپاري، سيڙپڪاري ۽ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ چاهي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا