اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صحافتي تنظيمن فورٿ پلر انٽرنيشنل، پي ايف يو جي (پروفيشنل) ۽ ينگ جرنلسٽ ايسوسئيشن پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي خلاف مخ??لف ٽي وي چئنلز تي هلندڙ اشتهار کي رد ڪندي ان هڪطرفي ميڊيا مهم جي خلاف چٽاڀيٽي ڪميشن سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سان مخ??لف صحافتي تنظيمن فورٿ پلر انٽرنيشنل، پي ايف يو جي (پروفيشنل) ۽ ينگ جرنلسٽ ايسوسيئيشن جي عهديدارن ملاقات ڪئي. صحافتي تنظيمن جي عهديدارن چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي باري ۾ مخ??لف ٽي وي چئنلز تي اشتهار هلي رهيو آهي جنهن ۾ چيو پيو وڃي ته سمورين صحافتي تنظيمن ميڊيا ڊولپمنيٽ اٿارٽي بل کي رد ڪري ڇڏيو آ??ي، هنن و??ضح ڪيو ته سمورين صحافتي تنظيمن ان ڄاڻايل بل کي رد ناهي ڪيو، عهديدارن چيو ته ماضي ۾ حڪومتون ميڊيا مالڪن کان بليڪ ميل ٿينديون رهيون آ??ن، پاڪستان تحريڪ انصاف جي واحد حڪومت آهي جنهن ميڊيا ورڪرز جي حقن جي تحفظ لاءِ قدم کنيو، ڪجهه تنظيمن کي ميڊيا مالڪن جي مفاد جو تحفظ ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، تنهن ڪري ان هڪطرفي اشتهار ۽ ميڊيا مهم جي خلاف چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان سان رجوع ڪنداسين، ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته جديد ميڊيا جو سڀ کان وڏو چئلينج جعلي بياني کي اصل بياني کان ڌار ڪرڻ آ??ي، موجوده سمورا قانون ڊجيٽل ميڊيا جي انقلاب کان پهرين تيار ٿيا، هاڻي موبائيل فون ئي اسان جي اخبار، ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا آ??ي، هن چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي باري ۾ ميڊيا مالڪن جا ٻه اعتراض آهن ته سوشل ميڊيا ۽ اخبار جي لاءِ ڌار ڌار اٿارٽيز هجڻ گهرجن، ميڊيا مالڪ گارنٽي فراهم ڪن ته سوشل ميڊيا جي خبر اخبار ۾ ۽ اخبار جي خبر سوشل ميڊيا تي شايع نه ٿيندي. اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام جي لاءِ اسان پنج ملڪن جي قانونن کي اسٽيڊي ڪيو آ??ي، ان اٿارٽي ۾ ميڊيا ڪمپلينٽس ڪميشن ۽ ميڊيا ٽربيونل ٻه ادارا هوندا، ان تي حڪومت جو ڪنٽرول نه هجڻ گهرجي، مقررين لاءِ ڌار آزاد ڪميشن قائم ڪيو ويندو. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان ميڊيا ادارن کي 70 ڪروڙ روپين جون ادائيگيون ڪيون آهن پر ان جي باوجود هو پنهنجي ورڪرز کي پگهار ادا نه ڪري رهيا آ??ن، ڊجيٽل ايڊورٽائيزنگ جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير چيو ته جڏهن 2018ع ۾ پهريون ڀيرو اطلاعات وارو ??زير بڻيو ته ان وقت هن ناڻي واري وزارت کي خط لکيو هو ته ڊجيٽل ايڊورٽائيزنگ کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي، ان وقت اها 4 ارب روپيا هئي ۽ صرف ٽن سالن ۾ 25 ارب تائين پهچي وئي آ??ي، هن چيو ته نيٽ فليڪس ۽ ايمازون پاڪستان مان تقريبن 250 ملين ڊالرز وصول ڪندا آ??ن، اسان ان پليٽ فارمز تي پاڪستاني مواد شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت پهريون ڀيرو ڊجيٽل ميڊيا جي لاءِ فنڊز مخ??ص ڪيا آ??ن، ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بل جي فيڪ نيوز ۽ صحافتن جي حقن بابت شقن تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي بل جي باقي شقن تي تجويزن جي آجيان ڪنداسين.
صحافتي تنظيمن جي عهديدارن جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ مملڪتي وزير فرخ حبيب سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ