اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) گڏيل مفادن ??ار?? ڪائونسل (سي سي آءِ) عالمي سطح تي بهترين رائج طريقن موجب ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جي آءِ ايس مانيٽرنگ سسٽم کي استعمال ۾ آڻيندي ستين آد??شم??ري ۽ گهر شماري ڪرائڻ ۽ ان ڏس ۾ گهر شماري مانيٽرنگ ڪميٽ?? جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، گڏيل مفادن ??ار?? ڪائونسل (سي سي آءِ) جو 49 هون اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيو،
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان اجلاس ۾ وڏن وزيرن جي آجيان ڪندي چيو ته صوبن جي مطالبي تي گڏيل مفادن ??ار?? ڪائونسل جي اجلاسن جو انعقاد وڌائي سگهجي ٿو. وزيراعظم سي سي آءِ جي مستقل سيڪريٽريٽ جي قيام تي ميمبرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اهو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ حصيداري جو مظهر آهي، وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وفاقي حڪومت سڀني اڪاين ۽ ڌرين سان مشاورت سان قومي معاملا طئي ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. سي سي آءِ ستين آد??شم??ري ڪرائڻ جي منظوري ڏيندي ”آد??شم??ري مانيٽرنگ ڪميٽي“ جي قيام جي منظوري ڏني، ان ڪميٽ?? جي سربراهي پلاننگ ڪميشن جو ڊپٽي چيئرمين ڪندو، جڏهن ته سڀئي صوبا چيف سيڪريٽريز، نادرا جو چيئرمين، اسلام آباد جو چيف ڪمشنر ۽ ٻيا سينئر عملدار ڪميٽي جا ميمبر هوندا.
ڪميٽي آد??شم??ر?? جي شفاف جلد ۽ اعتماد جي قابل هئڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ سرگرمين جو جائزو وٺندي ۽ نگراني ڪندي. آد??شم??ري مشاورتي ڪميٽ?? جي سفارشن جي روشني ۾ سي سي آءِ عالمي سطح تي بهترين طريقن موجب ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جي آءِ ايس مانيٽرنگ سسٽم کي استعمال ۾ آڻيندي ستين آد??شم??ري ۽ گهر شماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته آد??شم??ري کان پهرين گهرشماري ڪئي وڃي، وزيراعظم زور ڏنو ته حڪومت چاهي ٿي ته ه?? قابل اعتماد آد??شم??ري ۽ گهرشماري ڊيٽا جوڙيو وڃي ته جيئن شهرين جي ڀلائ?? جي منصوبن ۽ پاليسين جي لاءِ ان کي استعمال ۾ آڻي سگهجي. اجلاس ۾ سي سي آءِ جي مالي سال 21 -2020ع جي لاءِ سالياني رپورٽ جي منظوري ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته ان عرصي دوران 6 اجلاس ٿيا، جنهن ۾ 21 ايجنڊا ايٽمز تي غور ڪيو ويو ۽ 13 فيصلن تي عملدرآمد ڪيو ويو جڏهن ته 6 عمل هيٺ آهن،
اڳوڻن فيصلن تي عملدرآمد جي حوالي سان سي سي آءِ کي ٻڌايو ويو ته 110.928 ملين روپين جي لاڳت سان سي سي آءِ جو خودمختيار سيڪريٽريٽ قائم ٿي چڪو آهي. ان جي قيام سان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ موثر ڪوآرڊينيشن ۾ مدد ملندي، سي سي آءِ ڪراچ?? جي لاءِ اضافي پاڻ?? جي ضرورتن جي معاملي تي صوبن جي راءِ جو جائزو وٺڻ ۽ سياسي ۽ ٽيڪنيڪي سطح ۽ پاڻي بابت معاملن لاءِ ڪميٽي ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.