اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي ??ريڪ چيئرمين، بل گيٽس خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن پاڪستان جي پهرين دوري جي والهاڻي ??ست??بال تي صدر جو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته منهنجي لاءِ ”هلال پاڪستان“ حاصل ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب بل گيٽس پنهنجي ??ط ۾ پاڪستان جي هر ٻار جي ??حت ۽ بهبود جي ??حفظ لاءِ صدر جي ??زم کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي ??يندڙ نسلن لاءِ پوليو کان پاڪ مستقبل يقيني بڻائڻ جو ڪم واکاڻ جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان پوليو وائرس جي ??لاف جنگ ۾ قابل ذڪر اڳڀرائي ڪئي آهي، هڪ سال کان وڌيڪ عرصي ۾ پاڪستان ۾ ڪو به نئون ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو، پوليو تي پاڪستان جي مسلسل ڪوشش ملڪ جي ??رقي کي تيز ڪرڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندي. بل گيٽس چيو ته ذهني ۽ جسماني ڪمزوري، غذائيت جي کوٽ جه??ن موضوعن تي ڳالهه ڪري خوشي ٿي. خانداني منصوبابندي جي ??دمتن تائين پهچ، احساس سماجي ??حفظ جي پروگرام کي موثر بنائڻ تي ڳالهه ٿي، خط ۾ وڌيڪ چيو ويو ته گڏيل دلچسپي جي ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پاڪستان سان حصيدار جو منتطر آهيان.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي بل گيٽس جو خط، پاڪستان جي دوري دوران والهاڻي استقبال تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada