اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ڪراچي ۾ دهشتگرداڻي حملي جي سخت مذمت ڪندي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، پرڏيهي آفيس جي ترج??ان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان ڪراچي ۾ ٿيندڙ قابل مذمت دهشتگرداڻي حملي جي شديد مذمت ڪريون ٿا جنهن ۾ ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ۾ ڪم ڪندڙ چيني ??هر??ن سميت معصوم جانين جو نقصان ٿيو آهي، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ان واقعي ۾ پنهنجي جانين تان هٿ ڌوئيندڙ متاثرين جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪريون ٿا، ترج??ان چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن ته جيئن جوابدارن جي گرفتاري ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي، بيان ۾ چيو ويو ته مقامي عملدارن زخمين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهيا آهن، ترج??ان چيو ته اهو بزدلاڻو واقعو پاڪ چين دوستي ۽ جاري تعاون تي سڌو سنئون حملو آهي، پاڪستان ۽ چين ويجها دوست ۽ مضبوط ڀائر آهن، ترج??ان چيو ته پاڪستان ملڪ ۾ چيني ??هر??ن، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت کي تمام گهڻي ??هم??ت ڏي ٿو.
پرڏيهي وزارت پاران ڪراچي ۾ دهشتگرداڻي حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار