لاهور – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان لکين شهيدن جي قربانين جو ثمر آهي، پاڪستان جي شهيدن جي بي مثال قربانين کي سلام پيش ڪريو?? ٿا، هي ڏينهن ڌرتي جي انهن سمورن بهادر فرزندن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو موقعو آهي، جن ملڪ جي سرحدن جو دفاع ۽ حفاظت ڪندي جانيون قربان ڪيون. وڏي وزير آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آزاد وطن جو حصول قائداعظم جي ڏينهن رات ج?? محنت ۽ علامه اقبال جي خواب جي تڪميل آهي، آزادي جي ڏهاڙي تي ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪريو?? ٿا. هن چيو ته آزادي جي نعمت ج?? تحفظ جي لاءِ معاشري ۾ گڏيل تعاون ۽ خيرسگالي کي فروغ ڏيڻو پوندو، اڄ اسان اهو وچن ورجايو?? ٿا ته اسان ثابت قدم رهنداسين ۽ قائداعظم جي ٻڌايل اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي مشعل کي پڪڙيندي ??ر چئلينج کي قبول ڪنداسين.
پاڪستان لکين شهيدن جي قربانين جو ثمر آهي، پاڪستان جي شهيدن جي بي مثال قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا: پنجاب جو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ