اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي ارشد شريف مرحوم جي گهر وئي ۽ سندس والده سان تعزيت جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم ارشد شريف جي گهرواريءَ، ٻارن ۽ سمورن گهرڀاتين سان هم??رد?? جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان حڪومت ڪينيا مان ارشد شريف جو لاش پاڪستان آڻڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ٽيليفون تي ارشد شريف جي والده سان تعزيت ۽ گهرڀاتين سان هم??رد?? جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ارشد شريف جي مارجڻ جي خبر تمام گهڻي ڏکوئيندڙ آهي، ارشد شريف جي والده وزيراعظم کي پنهنجي پٽ ارشد شريف جي ميت جلد پاڪستان آڻڻ جي درخواست ڪئي. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته ان سلسلي ۾ سمورا قدم ه??گا??ي بنيادن تي کنيا پيا وڃن. مرحوم ارشد شريف جي والده وزيراعظم سان ڳالهائيندي چيو ته توهان منهنجي ننڍي پٽ ارشد شريف جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي به تعزيت جي لاءِ گهر آيا هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت ڪينيا جي حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ آهي، مرحوم ارشد شريف جي مڙهه کي وطن واپس آڻڻ جي لاءِ پرڏيهي ۽ گهرو وزارتن کي فوري قدمن جي ه??اي?? ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم پرڏيهي س??ڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي ميت جي واپسي جو عمل تيز ڪرڻ ۽ ٻنهي وفاقي س??ڪريٽرين کي ڪينيا جي عملدارن سان رابطي ۾ رهڻ جي ه??اي?? ڪئي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي وفاقي س??ڪريٽرين کي ميت جي وطن واپسي جي س??ورن مرحلن جي ذاتي طور تي نگراني ڪرڻ جي ه??اي?? ڪئي آهي. وزيراعظم مرحوم جي والده کي يقين ڏياريو ته ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ٿيندي ئي مرحوم ارشد شريف جو مڙهه پاڪستان آندو ويندو.
مريم اورنگزيب جي ارشد شريف جي والده سان تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی