اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ڪينيا ۾ ناليواري ??حا??ي ۽ اينڪر پرسن ارشد ش??يف جي افسوسناڪ موت تي ڏک جو اظهار ڪندي ڏکويل خاندان سان دلي تعزيت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڪينيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر کي 24 آڪٽوبر جي صبح ارشد ش??يف جي موت جي ابتدائي خبر ملي. بيان موجب هاءِ ڪمشنر ان جي موجب پوليس عملدارن ۽ گهرو وزارت کانسواءِ ٻين کاتن جي سينيئر عملدارن سان رابطو ڪيو، جڏهن ته تصديق جي لاءِ ڪينيا جي نائب صدر جي آفيس سان به رابطو ڪيو ??يو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪينيائي ڄائي پاڪستانين کي به متحرڪ ڪيو ??يو. مشن کي ٻڌايو ويو ته لاش نيروبي جي چيرو موفيونرل هائوس ۾ آهي. بيان موجب هاءِ ڪمشنر مشن جي آفيسرن سان گڏ اتي پهتي ۽ هن ارشد ش??يف جي ميت جي سڃاڻپ ڪئي. وقتي پرڏيهي سيڪريٽري ارشد ش??يف جي گهروارن سان ملاقات ڪئي ۽ ان افسوسناڪ خبر جي تصديق ڪندي پرڏيهي وز??ر ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وز??ر پاران انهن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. مرحوم جي گهروارن کي پرڏيهي وزارت پاران هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي وئي آهي. بيان موجب پوليس رپورٽ سميت وڌيڪ ڪارروائي جو انتظار آهي. هاءِ ڪميشن ميزبان عملدارن سان گڏجي ارشد ش??يف جي ميت جي جلد وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪندي.
پرڏيهي وزارت پاران ڪينيا ۾ ناليواري صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف جي افسوسناڪ موت تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر