اسلام آباد– 11 – نومبر (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس عامر فاروق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس جي حيثيت سان حلف ??ڻي ورتو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي کانئس حلف ورتو. حلف برداري جي پروقار تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، سينيٽ?? سليم مانڊوي والا، سينيئر ججز، اعليٰ سرڪاري آفيسرن، قانوني برادري جي ميمبرن، سول س??سائٽي جي ناليوارين شخصيتن ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 175 اي (13) تحت سينيئر جج جسٽس عامر فاروق جي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طور مقرري جي منظوري ڏني. جسٽس عامر فاروق لنڊن يونيورسٽي برطانيا مان تعليم حاصل ڪئي آهي. هن 1993ع ۾ لنڪنزن لنڊن مان بيريسٽر ايٽ لاء جي ڊگري حاصل ڪئي، هو 1994ع ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ايڊووڪيٽ ۽ 2007ع ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ايڊووڪيٽ طور انرول ٿيو. صدر جي منظوري کانپوءِ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وز??رت جسٽس عامر فاروق جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حيثيت سان مقرري جو نوٽيفڪيشن خميس ڏينهن جاري ڪيو هو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس عامر فاروق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس جي حيثيت سان حلف کنيو
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔