اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستا?? مضبوط اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جا لاڳاپا قائم ڪري بيلاروس سان اعليٰ سطحي رابطن ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيلار??س جي پرڏيهي وز??ر سرگئي ايلينڪ سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وز??ر چيو ته هن بيلار??س جي هم منصب سان نتياخيز ۽ تعميري ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي سمورن شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته پاڪ – بيلاروس لاڳاپن جي لاءِ اسان جي ڊگهي مدي واري هدفن ۾ اقتصادي لاڳاپن جي مضبوطي، واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ، سائنسي تعاون کي فروغ ڏيڻ، دفاعي تعاون کي وڌائڻ ۽ ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي گهرو ڪرڻ شامل آهي. پرڏيهي وز??ر چيو ته ٻنهي ملڪن گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪي ٻنهي ملڪن جي عوام جي خوشحالي ۽ ڀلائي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ سٺن لاڳاپن کي ٺوس تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هن دوري جو هڪ اهم نتيجو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ رکندڙن جي ويزائن جي خاتمي جي معاهدي تي صحيحون ڪرڻ هو جنهن سان اعليٰ سطح جي دورن کي هٿي ملندي. هن چيو ته اسلام آباد اسٽريٽجڪ انسٽي??يو?? ۽ بيلاروس انسٽي??يو?? جي وچ ۾ معاهدو تعليمي تعاون جو مضبوط بنياد رکندو. پرڏيهي وز??ر چيو ته هو ڇهين وزارتي اجلاس دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ اڳتي وڌائيندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سال 2024ع ۾ ٻئي ملڪ پنهنج?? سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 30 هين سالگرهه ملهائيندا. پرڏيهي وز??ر ٻطرفن لاڳاپن جي بنياد کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان ۽ بيلار??س جي وچ ۾ گڏيل فائديمند دوستي کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو. بيلار??س جي پرڏيهي وز??ر سرگئي ايلينڪ دوري جي دعوت تي پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن انتهائي تعميري ۽ بي تڪلف انداز ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڌرين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. جاگرافيائي ۽ عالمي تبديلين جي باوجود ٻنهي ملڪن جي اها خواهش آهي ته اهي گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپا قائم ڪن. هن چيو ته هو پاڪستان ۾ گاڏيون ۽ ٽريڪٽر ٺاهڻ جي فيڪٽري لڳائي وڌيڪ سيڙپڪاري تي غور ڪري رهيا آهن. بيلار??س جي پرڏيهي وز??ر چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۽ مسلمان دنيا ۾ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار آهي، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ بيلار??س جي حڪومت جي مستقل پاليسي رهي آهي. هن چيو ته ان خواهش کي ٻنهي ملڪن جي قيادت وڌيڪ وڌايو آهي. هن معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي پنهنجو اميج وڌائڻ تي پاڪستان حڪومت کي پڻ ساراهيو. بيلار??س جي پرڏيهي وز??ر چيو ته بيلاروس مختلف دٻاءُ جي باوجود پنهنجي خودمختياري ۽ پرڏيهي پاليسي جي آزادي جو دفاع ڪري رهيو آهي ۽ خودمختيار رياستن جي اندروني معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت جو مخالف آهي. هن عالمي فورم تي بيلار??س جي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته هن تعاون جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ عالمي مسئلن تي نظرين جي اتحاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو. بيلاروسي پرڏيهي وز??ر چيو ته ڳالهه ٻولهه دوران واپاري ۽ اقتصادي تعاون تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو.
پاڪستان مضبوط اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جا لاڳاپا قائم ڪري بيلاروس سان اعليٰ سطحي رابطن ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: بلاول ڀٽو زرداري جي بيلاروس جي پرڏيهي وزير سان گڏيل پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا