اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شروعاتي تعليم شخصيت جي تعمير ۽ ٻارن جي ڪيريئر جي لاءِ اهم آهي، پاڪستان لرننگ ڪانفرنس بهترين عالمي طريقن موجب ٻارن کي بااختيار بڻ??ئڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ٻار پنهنجي تعليمي سفر جي شروعاتي مرحلي ۾ سماجي طرز عمل جي بنيادي اصولن ۽ قدرن کي اختيار ڪن ٿا. پاڪستان لرننگ ڪانفرنس 2023ع منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي جنهن جو ??قص?? ٻارن کي عالمي طريقن موجب بااختيار بڻ??ئڻ جي لاءِ بنياد فراهم ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته هو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ مختلف پس منظر سان تعلق رکندڙ اسڪالرز ۽ پاليسي سازن جي مختلف موقف کي ٻڌڻ جو تمام ??هڻو خواهشمند هو پر پيرس ۾ عالمي مالياتي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ جي ڪري ائين نه ڪري سگهندس جڏهن ته هو ڪانفرنس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري ٿو ۽ ٻارن جي لاءِ هڪ بهتر ۽ خوشگوار مستقبل جي تعمير جي لاءِ ان جي سفارشن جو منتظر آهي.
شروعاتي تعليم شخصيت جي تعمير ۽ ٻارن جي ڪيريئر جي لاءِ اهم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha