اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ، خار ۾ د??شتگردي جي واقعي جي سوڳ ۾ سي پيڪ جي 10 سالا تقريبون سادگي سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم جي هدايت تي سي پ??ڪ کي 10 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ ڪلچر شو پڻ ملتوي ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب سي پيڪ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ تقريب ڪلچرل شو کانسواءِ سادگي سان منعقد ٿيندي. چين جو نائب ??زيراعظم هي لي فينگ جي اچڻ جي موقعي تي ڪلچرل شو منعقد ٿيڻو هو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قوم سوڳ جي حالت ۾ آهي، تنهن ڪري ڪلچرل شو منعقد نه ڪيو وڃي. واضح رهي ته باجوڙ خار ۾ گذريل ڏينهن جي يو آءِ (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ د??شتگردي سان 44 ماڻهو شهيد ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی