ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سفارتي محاذ تي وڏي ڪاميابي، گڏ??ل عرب امارات جي صدر پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏ??ل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي وچ ۾ ملاقات ٿي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، واپار وارو وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ خاص مع??ون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ ملاقات ۾ شريڪ هئا. وزيراعظم گڏ??ل عرب امارات جي صدر سان شيخ طحنون بن محمد النهيان ۽ شيخ حزه بن سلطان النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن بشمول سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم پاڪستان جي گڏ??ل عرب امارات سان حصيداري خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي، قابل تجديد توانائي ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعا??ن جي فروغ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم گڏ??ل عرب امارات جي پاڪستان ۾ توانائي، پورٽ آپريشنز، غذائي تحفظ، مواصلات، مع??نيات، بئنڪنگ ۽ مالياتي سروسز ج?? شعبي ۾ سيڙپڪاري جي منصوبن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم جي سفارتي محاذ تي وڏي ڪاميابي، گڏيل عرب امارات جي صدر پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي خاطري
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ