اسلام آباد – 25 – جون (اي پي پي) ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ??ه سينيٽ جون سفارشون آئيني ذميواري آهي، قابل عمل سفارشن کي سدائين بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. قومي اس??مبلي جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي حوالي سان سينيٽ جي سفارشن تي بحث ۾ حصو وٺندي ڊپٽي وزيراعظم چيو ته سينيٽ جون سفارشون آئيني ذميواري آهي، حڪومت جي ذميواري آهي ??ه بجيٽ سينيٽ ۾ پيش ٿئي. سيد نويد قمر سچ چئي رهيو آهي ??ه قومي اس??مبلي بجيٽ منظور ڪندي آهي ۽ اهو اختيار اس??مبلي وٽ آهن جڏهن ته آئيني طور تي لازمي آهي ??ه سينيٽ سفارشون جوڙي 14 ڏينهن ۾ پيش ڪندو. هن چيو ته سينيٽ جي اس??ينڊنگ ڪميٽي اهي ??فارشون تيار ڪندي آهي ??نهن ۾ سمورين پارٽين جي نمائندگي هوندي آهي ۽ ناڻي وارو وزير ۽ ناڻي واري وزارت جا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هوند?? آهن، سينيٽ ڪميٽي جي سربراهي مانڊوي والا ڪري رهيو آهي ??نهن جو تعلق پيپلزپارٽي سان آهي، اسان کي پارليامينٽ جي ٻنهي هائوسز جو احترام آهي. هن چيو ته سينيٽ آئين جي تابعداري ڪندي سفارشون پيش ڪيون آهن، جيڪي سفارشون قابل عمل آهن انهن کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو آهي، مون پاڻ 2013ع ۽ 2018ع جي وچ ۾ ان طريقيڪار تي عمل ڪيو آهي ۽ انهي ??ذبي تحت هن ڀيري به سينيٽ جي سفارشن تي غور ڪيو ويندو، ناڻي واري وزارت جو اهو ڪم آهي ??ه جيڪي شيون قابل عمل آهن اهي ??جيٽ ۾ شامل ڪيون وڃن. ان کان اڳ سينيٽ سفارشن تي بحث جي شروعات ڪندي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ميمبر سيد نويد قمر چيو ته بجيٽ جي منظوري آئين تحت قومي اس??مبلي جو اختيار آهي، سينيٽ جون سفارشون سٺي ڳالهه آهي پر اهي قومي اس??مبلي جي اختيارن جي قيمت تي نه هجڻ گهرجن. هن چيو ته سينيٽ سفارشن تي بحث ان ئي وقت بامعنيٰ ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان کي ايتري ڊگهي ??ستاويز پڙهڻ جي لاءِ هڪ ڏينهن جو موقعو ڏنو وڃي.
سينيٽ جون سفارشون آئيني ذميواري آهي، قابل عمل سفارشن کي سدائين بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado