اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) نا??ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان کي ٻيهر معاشي ق??ت بڻائڻ اسان جو هدف آهي، نوجوان تعليم، هنرمندي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا، پاڪستان جا نوجوان بي پناهه صلاحيتن سان مالامال آهن، ملڪ جي نوجوانن ۾ مثبت تبديلي جو سبب بڻجڻ جي اهليت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته تعليم هر ٻار ۽ نوجوان جو حق آهي، تعليم سان ملڪ جو مستقبل روشن ٿيندو. نا??ب وزيراعظم چيو ته سڀني ٻارن کي چوندس ته سکڻ جي عمل کي سدائين جاري رکن. تخليق ۽ تعليم جي امتياز کي اختيار ڪري ترقي جا نوان رستا ڳولين. هن چيو ته اتحاد ۾ اسان جو مستقبل آهي، نفرت کي دفن ڪري ڇڏڻ گهرجي. نا??ب وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي د??ري دوران ٻڌايو ويو ته ڪجهه بلوچ نا??اض آهن، آئون چوان ٿو ته ڪو به پنهنجي ڌرتي ماءُ کان نا??اض نه ٿو ٿي سگهي، پنهنجي مسئلن جو حل گڏجي ڳولين. جيتوڻيڪ نا??اضگي جي نالي تي دهشتگردي جي ڪا به گنجائش نه آهي. محمد اسحاق ڊار چيو ته نوجوان نسل محنت کي پنهنجي ترجيح بڻائين، حڪومت نوجوانن کي ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل جي ق??ام جو مقصد نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ به آهي. نوجوان تعليم، هنرمندي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا. هن چيو ته ترقي ۽ خوشحالي جي عهد ۾ نوجوان حصيدار آهن. نا??ب وزيراعظم چيو ته 1998ع ۾ پاڪستان ائٽمي ق??ت بڻيو، اسان پنهنجي دفاع تي ڪڏهن به ٺاهه ناهي ڪيو. قومي مفاد اسان جي سڀ کان پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته اسان کي بي پناهه چئلينجز درپيش آهن، پاڪستان جو مستقبل اڄ جي نوجوانن جي هٿ ۾ آهي. 2013ع جي حڪومت ۾ پاڪستان کي ڪٿان کان ڪٿي پهچايو، ان وقت پاڪستان بابت ڊيفالٽ جو چيو ويو پر پاڪستان دنيا جي اڀرندڙ معيشت بڻيو. محمد اسحاق ڊار چيو ته پي ڊي ايم حڪومت پاڪستان کي بچائڻ جي لاءِ هئي، اسان جا دشمن چاهين ٿا ته پاڪستان کي معاشي طور تي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان کي ٻيهر معاشي ق??ت بڻائڻ اسان جو هدف آهي.
پاڪستان کي ٻيهر معاشي قوت بڻائڻ اسان جو هدف آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج