اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي، ته يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي بند ڪ??ڻ جو ڪو به منصوبو غور هيٺ ناهي، يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي نئين سر جوڙجڪ جي مختلف آپشنز تي ڪم ٿي رهيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي وفد سان ملاقات دور??ن ڪيو. يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ايم ڊي ۽ صنعت ۽ پيداوار واري سيڪريٽري پڻ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته شفافيت آڻڻ لاءِ سبسڊي جو نئون طريقيڪار واضح ڪيو پيو وڃي. يو ايس سي بند ڪ??ڻ لاءِ حڪومت طرف??ن ڪو به هڪ طرفو قدم نه کنيو ويندو. هن چيو ته سمورا فيصلا ملازمن سميت سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان ٿيندا ۽ سرڪاري ملازمن جي مفادن جو تحفظ ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش