لاهور-03 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪاروباري ۽ واپاري برادري کي خصو??ي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ون ونڊو آپريشن ذريعي بهترين سهولتون فراه?? ڪيون پيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي پ??يس ونگ موجب اهڙو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيه جي بااثر ۽ مشهور ڪاروباري شخصيتن تي ٻڌل وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن زبير عيسيٰ جي سربراهي ۾ آچر ڏينهن لاهور ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ برطانيه جون نامياريون ڪاروباري شخصيتون شامل هيون. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ڪوششن سان تازو ئي ملڪي معيشت بهتري طرف گامزن ٿي آهي جنهن سان سيڙپڪارن جو ا??تم??د وڌيو آهي. وزيراعظم وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏني. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ بزنس ٽو بزنس لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان تعاون جون نيون راهون ڳولهڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ٿيڻ تي وزيراعظم جي معاشي پ??ليسين جي واکاڻ ڪئي ۽ ا??تم??د جو اظهار ڪيو.
ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ اولين ترجيح آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن