اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) ??ٿا??ندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اُڏار پاڪستان پروگرام هڪ انقلابي قدم ??هي، ان سان تعليم، صحت، روزگار ۽ ڪاروبار جي موقعن ۾ واڌ ٿيندي. اهڙو اظهار هن موجوده حڪومت جي پنج ساله قومي اقتصادي منصوبي (29-2024ع) ” اُڏار پاڪستان“ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. احسن اقبال اُڏار پاڪستان کي جٽادار اقتصادي ترقي کي حاصل ڪرڻ طرف هڪ ”انقلابي“ قدم قرار ڏيندي چيو ته هي قدم ??يڪو سياسي ڇِڪتاڻ يا ڪنهن به سياسي لانگ مارچ کان پاسو ڪندي وڌ کان وڌ قومي اتحاد قائم ڪري ڪامياب ٿي سگهي ٿو. ان کانسواءِ معاشي لانگ مارچ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان دنيا سان اثرائتي انداز ۾ مقابلو ڪري سگهون. هن چيو ته حڪومت جي موجوده معاشي چئلينجن کي اثرائتي طريقي سان مُنهن ڏيڻ لاءِ فوري قدم کنيا هئا، پر ملڪ کي خوشحال ۽ معاشي طور تي مضبوط بنائڻ لاءِ مسلسل بنيادن تي ڊگهي مُدي واري ??ٿا??ندي جي ضرورت هئي. وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پنهنجي گذريل دؤرن ۾ ويزن 2010ع ۽ ويزن 2025ع جي شروعات ڪئي هئي پر سياسي عدم ??ستحڪام سبب ان تي مڪمل عملدرآمد نه ٿي سگهيو پر هاڻ حڪومت هڪ ??ير?? ٻيهر پنج ساله منصوبو تيار ڪيو آهي جيڪو پائيدار اقتصادي ترقي جو بنياد ثابت ٿي??دو. هن وڌيڪ چيو ته قومي اقتصادي منصوبي جا ثمر عام ماڻهوءَ تائين پهچايا ويندا ۽ بهتر تعليم، صحت، روزگار ۽ ڪاروبار جي موقعن ۾ اضافو ٿي??دو.
اُڏار پاڪستان پروگرام هڪ انقلابي قدم آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ