اسلام آباد – 01 – جنوري (اي ??ي پي) پاڪستا?? ۽ ??ارت پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران ??اري بيان موجب اها مٽاسٽا پاڪستا?? ۽ ??ارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن تي حملا نه ڪرڻ واري معاهدي تحت ٿي. 31 ڊسمبر 1988ع تي ٿيندڙ معاهدي موجب ٻئي ملڪ هر ڪيلينڊر سال جي پهرين جنوري تي پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن بابت هڪ ٻئي کي آگاهه ڪندا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهي مناسبت سان پاڪستان ۾ ائٽمي ٺڪاڻن جي فهرست باضابطا طور تي پرڏيهي وزارت ۾ اسلام آباد ۾ ڀارتي هاء?? ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي وئي. ان ??ان گڏ ئي ڀارتي پرڏيهي وزارت ڀارت جي ائٽمي ٺڪاڻن جي فهرست نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاء?? ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪري ڇڏي. پاڪستا?? ۽ ??ارت جي وچ ۾ 27 جنوري 1991ع تي ائٽمي ٺڪاڻن تي حملا نه ڪرڻ واري معاهدي تي عملدرآمد کانپوءِ ٻئي ملڪ پهرين جنوري 1992ع کان فهرستن جي مٽاسٽا ڪري رهيا آهن.
پاڪستان ۽ ڀارت پاران پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن جي فهرستن جي مٽاسٽا
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن