اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ??زبڪست??ن جي صدر شوڪت مرزايوف ٽيليفون ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن تي اڳڀ??ائ?? تي اطمين??ن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ م??ن جاري بيان موجب وزيراعظم گڏيل هدفن ۽ مقصدن کي ??اصل ڪرڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ مڪمل صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته ترجيحي واپاري معاهدي جي جلد تڪميل جي ذريعي ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان علائقائي خوشحالي لاءِ رابطي جي ايجنڊا کي ??ڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي وقت سر پڄاڻي لاءِ پاڪست??ن جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ازبڪ صدر وزيراعظم پاران پاڪست??ن جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ موجوده ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ حاصل ٿيندو.
وزيراعظم عمران خان کي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف جي ٽيليفون
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha